ڏانيهڙ جو دڙو

ڏانيهڙ جو دڙو: هيءُ دڙو، قنبر شهر جي اولهه ۾ 35 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ديهه نوَ لکي جاگير، تعلقي قنبر ۾ ايف. پي. بند ويجھو، يونين ڪائونسل غيبي ديري ۾ واقع آهي. هن دڙي جي اوچائي 12 فوٽ آهي. هيءُ دڙو، سمن جي دور جو معلوم ٿئي ٿو.
مقامي روايتن موجب؛ ‘بوهڙ’ قبيلي جو سردار ڏانو خان بوهڙ وڏي هلندي پڄنديءَ وارو ماڻهو هو، جيڪو پنهنجي ڪڙم ۽ راڄ سان هن هنڌ تي رهندو هو. هن ماڳ جي ڦٽڻ بابت مشهور آهي ته: ڏاني خان جو اولاد پاڻ ۾ اڻبڻت پيدا ٿيڻ ڪري هتان لڏي ويو. ٻيءَ روايت موجب، هتان جي مقامي چانڊين سان سندن ناسازي ٿيڻ ڪري هو هتان هليا ويا. هيءُ دڙو چئن ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو